تربت – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاق جي مضبوطي جي لاءِ سمورن صوبن ۾ هڪجهڙي ترقي ضروري آهي، بلوچستان ترقي ڪندو ته پاڪستان ترقي ڪندو، پو??تي پيل علائقن ۾ هڪجهڙي ترقي چاهيون ٿا، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ترقي تي خوصي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن، جن قومن انساني وسيلن تي خرچ ڪيو انهن ئي ترقي ڪئي، تعليم جي ڪري ئي انسان عظمت حاصل ڪئي، ڪاميابي جي لاءِ محنت ڪرڻي پوندي آهي، زندگي ۾ ڪو به شارٽ ڪٽ ناهي هوندو، پنجاب حڪومت پاران بلوچستان جي شاگردن جي لاءِ وظيفن ۾ اضافو خوش آئنده آهي، هن اهڙن ??يا??ن جو اظهار هن دارلاحساس، وسي??ه تعليم پروگرام ۽ مخ??لف منصوبن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.