اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار ملاقات ڪئي ۽ ملاقات دوران سڄي ملڪ ۾ ٽائيگر فورس ڊي ملهائڻ جي تيارين تي مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان نوجوان رضاڪارن کي ??اڻ اعتماد ۾ ??ٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان جو خاص پيغام پڻ نشر ڪيو ويو آهي. ملاقات دوران ٽائيگر فورس بابت چين پاران لکيل خط به وزيراعظم کي ??يش ڪيو ويو.