اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته موجوده صورتحال خاص طور تي رمضان مهيني کي نظر ۾ رکندي ڪڻڪ ۽ ٻين ضرورت جي ش??ن جي طلب ۽ پهچ تي گهري نظر رکي وڃي ته جيئن وقت سر فيصلا ڪري سگهجن ۽ ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ خوراڪ جي کوٽ نه ٿئي. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ڪڻڪ جي اسمگلنگ جي روڪٿام، مڪڙن جي خاتمي جي ح??الي سان قدمن ۽ ايندڙ سال معياري ڪڻڪ ??ي پيداوار حاصل ڪرڻ جي لاءِ بهتر ٻج جي استعمال جي ح??الي سان تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.