ڪوالالمپور – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قانون جي حڪمراني پاڪستان ۾ وڏو مسئلو رهيو آهي، بااثر ماڻهن، هڪ هٺي گروپ ۽ سياسي مافيائون پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهن ٿيون ۽ مرضي سان قيمتون وڌائي ڇڏين ٿا ۽ غريب جو استحصال ڪن ٿا، پاڪستان کي ??سل??مي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ اسان کي ان جو مقابلو ڪرڻو آهي، مهاتير محمد اسان جي لاءِ رول ماڊل آهي، ملائيشيا جو معاشرو تحمل ۽ برداشت سان مالامال آهي، ڪوالالمپور سربراهه اجلاس جو مقصد سڄي دنيا ۾ ??سل??مو فوبيا جو گڏيل مقابلو ڪرڻ هو، مسلمان دنيا جي قيادت اولهه کي ??سل??م جو حقيقي چهرو ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهي آهي، انتهاپسند پروپئگنڊه جي ذريعي نوجوانن کي گمراهه ڪيو پيو وڃي، دهشتگردي جو ??سل??م سان ڪو تعلق نه آهي. انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانس ??سل??مڪ اسٽڊيز ۾ اهم خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان بابت قائداعظم محمد علي ج??اح جو ويزن منهنجو ويزن آهي.