سينيٽ اجلاس: بجيٽ 24-23ع لاءِ 55 سفارشن جي منظوري

image

اسلام آباد-19 جون (اي پي پي)سينيٽ ۾ بجيٽ 24-23ع لاءِ 55 سفارشن جي منظوري ڏني وئي جيڪي قومي اسيمبليءَ ڏانهن موڪليون ويون آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين سليم مانڊوي والا، سينيٽ جون بجيٽ سفارشون ايوان ۾ پيش ڪيون. سينيٽ طرفان سفارش ڪئي وئي ته ايف بي آر ۾ رجسٽرڊ ريٽيلرز ۽ برانڊز تي سيلز ٽيڪس جي شرح 15 بدران 12 سيڪڙو تي برقرار رکي وڃي. فائلرز لاءِ ڪريڊٽ ڪارڊ ٽرانزيڪشن تي هڪ سيڪڙو کان وڌائي 5 سيڪڙو ۽ نان فائلرز لاءِ 2 کان 10 سيڪڙو برقرار رکيو وڃي. ليپ ٽاپ اسڪيم تحت ليپ ٽاپ وٺندڙن لاءِ فني تربيت لازمي قرار ڏنو وڃي ته جيئن ان لائن بزنس ذريعي آمدني ڪمائي سگهن. ريئل اسٽيٽ ۽ زرعي شعبي تي لاڳيتو ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي، خساري ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري ادارن جي نجڪاري ڪئي وڃي ۽ پي آءِ اي پاڪستان اسٽيل ملز جهڙن سالن کان وڏي خساري جو شڪار ادارن جي نجڪاريءَ جو عمل تيز ڪرڻ گهرجي. روانگي واپار واري صنعتن کي ٽيڪس ڇوٽ ڏني وڃي ۽ کين گيس فراهم ڪئي وڃي. سڌيءَ ريت غير ملڪي سيڙپڪاريءَ لاءِ ٽيڪس فري زون بڻايو وڃي. ٻج، ڀاڻ، شمسي توانائي جي اوزارن ۽ روزمره جي استعمال جي شين، کاڄري تيل تي سبسڊي جو طريقو جوڙيو وڃي. يوٽيلٽي اسٽورز تي سمورين شين جي سستي دستيابي يقيني بنائي وڃي. 24-23ع جي بجيٽ ۾ نيشنل ڊولپمينٽ والنٽيئر پروگرام لاءِ فنڊ رکيا وڃن. صحت جي شعبي لاءِ فنڊز وڌايا وڃن. لان ٽينس ريڪٽس، بيڊمنٽن ريڪٽس، اسڪوائش ريڪٽس، لان ٽينس بال، اسڪوائش بالز، ٽيبل ٽينس بالز، بيڊمنٽن شٽل ڪاڪس ۽ باسڪيٽ بال جي آمدني واپار تي ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪئي وڃي. سينيٽ سفارش ڪئي آهي ته 2015ع کان لاڳو سپر ٽيڪس ختم يا واپس ورتو وڃي. سينيٽ سفارش ڪئي آهي ته ڪمپني بئنڪنگ اڪائونٽ اڳواٽ نوٽيس کان سواءِ بلاڪ نه ڪيو وڃي. انڪم ٽيڪس ۽ سيلز ٽيڪس جي ري فنڊ ۾ موجود رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن. سينيٽ سفارش ڪئي ته 2 ڪي وي جي جنريٽرز کي ٽيڪس فري قرار ڏنو وڃي. سينيٽ سفارش ڪئي ته آءِ ٽي جي شعبي لاءِ 5 سيڪڙو جي شرح سان ان پٽ ٽيڪس قابل واپسي هئڻ گهرجي. سينيٽ سفارش ڪئي ته آءِ ٽي جي شعبي جي شيئرز جي وِڪري کي ڪيپيٽل گين ٽيڪس مان ڇوٽ ڏني وڃي. سينيٽ سفارش ڪئي ته ملڪ ۾ تجديد جوڳي توانائيءَ جي شعبي جي ترقيءَ لاءِ مؤثر قدم کنيا وڃن. ملڪ ۾ هنر کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. سينيٽ سفارش ڪئي ته بجلي بلن ۾ وصول ٿيندڙ ٽي وي فيس 35 رپين مان وڌائي 50 رپيو ماهوار ڪئي وڃي ۽ اضافي 15 رپيا ريڊيو پاڪستان کي مالي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڏنيون وڃن. سينيٽ سفارش ڪئي ته بلوچستان روينيو اٿارٽي جي سهڪار سان سي او پي ايڇ سي جي ٽيڪس جي ڇوٽ جي تجويز تي غور ڪيو وڃي. سينيٽ سفارش ڪئي ته گوادر کي ٽيڪس فري زون قرار ڏنو وڃي ۽ گوادر ڊولپمينٽ اٿارٽي لاءِ بقايا فنڊز جاري ڪيا وڃن. سينيٽ سفارش ڪئي ته لوڪل اسڪريپ جي خريداري جي ادائگيءَ لاءِ اسٽيل ملز کي اجازت ڏيڻ گهرجي. سينيٽ سفارش ڪئي ته اسڪريپ جي سپلاءِ ۽ ود هولڊنگ ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪري 0.25 سيڪڙو ڪئي وڃي. سينيٽ سفارش ڪئي ته ايندڙ بجيٽ ۾ روانگي واپار جي شعبي کي ريجنل ڪمپيٽيٽو انرجي ٽيرف لاءِ 104 ارب رپيا رکيا وڃن. جوسز انڊسٽري لاءِ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ختم ڪئي وڃي. سينيٽ سفارش ڪئي ته ايگريڪلچر اسپري مشينن کي ٽيڪس فري قرار ڏنو وڃي. تربيتي مقصدن لاءِ درآمدي جهازن تي 5 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي ۽ 5 سيڪڙو سيلز ڊيوٽي لاڳو ڪئي وڃي. سينيٽ سفارش ڪئي ته ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ مناسب فنڊز رکيا وڃن.

مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں