اڳوڻي حڪومت ٻين منصوبن وانگر اسپتالن کي به نظرانداز ڪري رکيو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

راولپنڊي – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت ٻين منصوبن وانگر اسپتالن کي به نظرانداز ڪري رکيو، عوامي خدمت، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ سياست نه ٿيڻ گهرجي، انسانيت جي خدمت ۽ مريضن کي علاج جون سهولتون مهيا ڪرڻ تمام وڏي عبادت آهي، اسان سڀني کي گڏجي غربت، جهالت، بيروزگاري، بيماري جي خاتمي ۽ ملڪ کي قائد ۽ اقبال جو پاڪستان بڻائڻ جي لاءِ گڏ ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف يورالوجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن جي افتتاح کانپوءِ ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، قومي اسيمبلي جا اڳوڻا ميمبر حنيف عباسي، ملڪ ابرار، حاجي پرويز خان، قومي اسيمبلي ميمبر طاهره اورنگزيب، راولپنڊي جو اڳوڻو ميئر سردار نسيم خان، ضياءَ الله شاهه، راجا محمد حنيف، راحت مسعود قدوسي، صحت وارو نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر جمال ناصر ۽ راولپنڊي ميڊيڪل يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر عمر، صحت وارو صوبائي سيڪريٽري ڊاڪٽر احمد جاويد قاضي ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر موجود هئا. وزيراعظم چيو ته هن يورالوجي انسٽيٽيوٽ جو معائنو ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه جي خوشي آهي ته ان جي پهرين مرحلي ۾ اڄ کان باقاعده طور تي مريضن جي بهترين علاج جي شروعات ٿي رهي آهي، هتي ڏني ويندڙ سهولتن سان مطمئن آهيان، رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ مريضن کي علاج مهيا ڪرڻ هڪ تمام وڏي عبادت آهي، هن اسپتال جو بنياد 2009ج ۾ رکيو ويو هو، 2013ع کانپوءِ اسان ان جي لاءِ فنڊز مهيا ڪيا، هيستائين اٽڪل 5 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، هن اسپتال کي ڏکويل انسانيت جي علاج جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها پر اڳوڻي حڪومت باقي منصوبن وانگر هن اسپتال کي به نظرانداز ڪري رکيو پر ڪورونا دوران هن اسپتال بي پناهه خدمتون انجام ڏنيون ڇو ته هتي عمارت ۽ وينٽي ليٽرز موجود هئا ۽ ڪورونا جي علاج جو هي اهم مرڪز رهيو، اهڙي طرح لاهور ۾ پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور ٽرانسپلانٽ انسٽيٽيوٽ (پي ڪي ايل آئي) ۾ پڻ جگر ۽ گردي جي پيوندڪاري جي سوين مريضن جي علاج جو انتظام ڪيو ويو پر اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار مون تي ان معاملي ۾ 20 ارب رپيا ضايع ڪرڻ جو الزام هنيو، هو ته ڇنڇر ۽ آچر تي به عدالتون لڳائيندو هو، قوم کي ڇو نه ٻڌايو ته اهو پئسو ڪيئن هڙپ ڪيو ويو؟ وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اهي 20 ارب رپيا غرق ٿي ويا هئا ته پوءِ ڪورونا ۾ پي ڪي ايل آئي ڪورونا جي مريضن جي علاج جي لاءِ هڪ وڏو مرڪز ڪيئن بڻجي ويو هو؟ اتي 200 وينٽي ليٽرز مشينون موجود هيون ۽ ان انسٽيٽيوٽ سان ڪورونا جا مريض ڏينهن رات شفاياب ٿي رهيا هئا. هن چيو ته اسان پي ڪي ايل آئي کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ناليوارو معالج ڊاڪٽر سعيد اختر آمريڪا مان منهنجي چوڻ تي لکين ڊالر پگهار ڇڏي مريضن جي خدمت لاءِ پاڪستان آيو هو ۽ مون کيس چيو هو ته گردي سان گڏوگڏ جگر جي پيوندڪاري جو به اسپتال ۾ انتظام ٿيڻ گهرجي، ان کان اڳ پنجاب حڪومت اربين رپيا خرچ ڪري گردن ۽ جگر جي مريضن کي علاج جي لاءِ هندستان ۽ چين موڪليندي هئي. وزيراعظم چيو ته پي ڪي ايل آئي ۾ چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي مريضن کي پڻ مفت پيوندڪاري جي سهولت ڏني وئي آهي، پي ڪي ايل آئي جي ڇٽيءَ هيٺ ڪم ڪندڙ هيپاٽائيٽس جي علاج جي سينٽرز کي پڻ اتان هٽائي اڳوڻي حڪومت ٻين اسپتالن سان ڳنڍي ڇڏيو هو. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ سڄي صوبي جي اسپتالن ۾ جديد سهولتون فراهم ڪيون ويون، اٽڪ، جهلم، راولپنڊي ۽ ليه سميت مختلف شهرن ۾ جديد ليبارٽريون قائم ڪيون ويون. وزيراعظم چيو ته عوامي خدمت جي ميدان ۾ سياست کي شجر ممنوعه هجڻ گهرجي، ڪا به حڪومت اچي يا وڃي صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ سياست نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اچو گڏجي ملڪ کي قائد ۽ اقبال جو پاڪستان ٺاهڻ جي لاءِ گڏ ٿي وڃون ۽ غربت، جهالت، بيروزگاري ۽ بيمارين جو خاتمو ڪريون.

مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں