وزيراعظم پاران جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ محمد اڪرم دراني سان سندس والده ۽ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني سان سندس ڏاڏيءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

image
ISLAMABAD: JANUARY 11, 2023: PRIME MINISTER MUHAMMAD SHEHBAZ SHARIF OFFERING FATEHA FOR THE DEPARTED SOUL OF MOTHER OF FORMER CHIEF MINISTER KPK, AKRAM KHAN DURRANI AND GRAND MOTHER OF DEPUTY SPEAKER NATIONAL ASSEMBLY, ZAHID AKRAM DURRANI.

اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني جي رهائشگاهه ويو ۽ هن جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ محمد اڪرم دراني سان سندس والده ۽ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني سان سندس ڏاڏيءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مرحومه جي لاڏاڻي کي خاندان جي لاءِ تمام وڏي صدمي سان تعبير ڪيو ۽ ان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم مرحومه جي ايصال ثواب، درجن جي بلندي ۽ سوڳوارن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.

مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب
متعلقہ مضامین
مزید خبریں