اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سڄي ملڪ جا ??در??ا اسلامي تعليم جي فروغ جو اهم ذريعو آهن، حڪومت جي خواهش آهي ته ان نيڪ سماجي خدمت ۾ ??در??ن جو هٿ ونڊايون، ??در??ا پاڪستاني ۽ اسلامي اين جي اوز جو وڏو نيٽ ورڪ آهن، ??در??ن جي تعليمي ۽ سماجي خدمتن ۾ عالم سڳورن جي مشاورت سان هر ممڪن تعاون ڪنداسين، مفتي اعظم پاڪستان رفيع عثماني مرحوم جي دين اسلام جي لاءِ خدمتن جي اسلامي دنيا متعرف آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اتحاد تنظيمات ??در??ا جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي صدر مولانا فضل الرحمان، مولانا مفتي محمد تقي عثماني، مولانا محمد حنيف جالنڌري، مولانا مفتي منيب الرحمان، صاحبزاده عبدالمصطفيٰ هزاروي، سينيٽر پروفيسر ساجد مير، مولانا عبدالمالڪ، مولانا افضل حيدري، مولانا عبدالڪبير آزاد ۽ مولانا فضل رحيم اشرفي کانسواءِ ٻين اهم عالم سڳورن سان گڏوگڏ وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، مريم اورنگزيب، راڻا ثناءُ الله خان، مفتي عبدالشڪور، خاص معاون سيد فهد حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي ??در??ن کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ??در??ن جي منتظمين کي يقين ڏياريو ته حڪومت انهن ??در??ن جي انتظام جي حوالي سان انهن کي وڌ کان وڌ خودمختياري ڏيڻ سان گڏوگڏ نه رڳو انهن جي رجسٽريشن جي طريقيڪار کي وڌيڪ آسان پر انهن ??در??ن ۾ جد??د دور جي گهرجن موجب تعليم جي فراهمي ۾ هر قسم جي مدد فراهم ڪندي. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته سندس لاءِ اهم عالم سڳورن جي وفد سان ملاقات خوشي جو??ي ۽ عزت جو??ي آهي. وزيراعظم چيو ته توهان سمورن عالم سڳورن جي ملڪ ۾ ديني شعبي جي تعليم ۽ تدريس جي لاءِ خدمتون ساراهه جو??يون آهن. ديني ??در??ن ۾ ملڪ جي 40 کان 50 لک شاگرد مفت ديني تعليم مان فيضاب ٿي رهيا آهن جن ۾ حفظ قرآن پاڪ پڻ ڪرايو وڃي ٿو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ??در??ن سدائين پاڪستان ج?? مفادن جو تحفظ ڪيو آهي.