لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي ۽ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پر??يز الاهي جي صدارت ۾ وزيراعليٰ آفيس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ سهولتن جي فراهمي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پنجاب ۾ خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن جي لاءِ نادرا سان حصيداري جو فيصلو ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي چيو ته اکين کان محروم ۽ ٻين معذوري وارن ماڻهن جي صحيح ڊيٽا جمع ڪرڻ ضروري آهي، صحيح ڊيٽا هوندي ته خصوصي ماڻهن جي ڀلائي جي ڪمن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهبو. صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي عام اسڪولن ۾ به خصوصي ماڻهن جي تربيت جي حوالي سان جدا ٽيچرز مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته خصوصي ٻار خصوصي صلاحيتون رکندڙ هوندا آهن ۽ تربيت سان انهن جون صلاحيتون نکري سگهن ٿيون. هن چيو ته بازارن ۽ مارڪيٽنگ ۾ ريمپس ٺاهي خصوصي ماڻهن جي لاءِ سهولت فراهم ڪري سگهجي ٿي. نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا تي عملدرآمد سان خصوصي ماڻهن کي تمام گهڻو ريليف ملندو. خصوصي ماڻهن ڪيترن ئي ميدانن ۾ پنهنجي صلاحيتن ذريعي نمايان مقام حاصل ڪيو آهي. ڊاڪٽ?? عارف عليو چيو ته وڏي وزير چوڌري پر??يز الاهي جي قيادت ۾ پنجاب حڪومت جي خصوصي ماڻهن جي لاءِ موثر قدم ساراهه جوڳا آهن. چوڌري پر??يز الاهي چيو ته 2003ع ۾ مون خصوصي ماڻهن جي لاءِ جدا کاتو ٺاهيو آهي. پنجاب ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ 170 ادارا قائم ڪيا ۽ خصوصي ٻارن جي لاءِ فري ٽ??ان??پورٽ مهيا ڪئي. پنجاب حڪومت خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪئي آهي، پنجاب جي سمورن ادارن ۾ اکين کان محروم ۽ ٻين معذوري وارن ملازمن جي لاءِ ڪنوينس الائونس وڌايو آهي. پنجاب حڪومت نئين بسلن ۾ به خصوصي ماڻهن جي لاءِ جدا سيٽون مخصوص ڪري رهي آهي. ان موقعي تي سوشل ويلفيئر سيڪري??ري صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي کي خصوصي ماڻهن جي بحالي، تربيت، رجسٽريشن ۽ سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. سوشل ويلفيئر واري صوبائي وزير غضنفر عباس ڇينا، اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي، ايم اين اي حسين الاهي، چيف سيڪري??ري عبيدالله سنبل، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪري??ري علي محمد خ??ن ڀٽي، سيڪري??ري سوشل ويلفيئر، سيڪري??ري اسپيشلائيزڊ هيلٿ ڪيئر اينڊ ميڊيڪل ايجوڪيشن ۽ لاڳاپيل عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.