اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي وزيرآباد ۾ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ معظم شهزاد گوندل جي پونئيرن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شهيد جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر حملي آور کي پڪڙيندڙ ابت??ام حسن سان پڻ فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر بهادري جو مظاهرو ڪر?? تي ابت??ام حسن کي شاباس ڏني ۽ ان جا ٿور?? به مڃيا.