اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان حڪومت اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ سڌارن ۽ ان شعبي کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ ??دم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هرٽفورڊ شائر ??ونيورسٽي برطانيا جي وائيس چانسلر پروفيسر ڪوئنٽن ميڪ ڪيلر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير مريم ا??رنگزيب پڻ موجود هئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي شعبي جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ترجيح آهي ته آءِ ??ي جي شعبي ۾ جدت ۽ نوجوان نسل کي آءِ ??ي سروسز جي تربيت حاصل ڪرڻ ۾ آساني فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته حڪومت نوجوانن کي آءِ ??ي اسڪلز حاصل ڪرڻ ۾ مدد جي لاءِ ??يپ ٽاپ جي فراهمي جو پروگرام ٻيهر شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، ملڪ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ ??ڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته برطانيا پاڪستان جي وچ ۾ تعليم جي ميدان ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن.