اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) جاڙن شهرن راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ 75 هون آزادي جو ڏهاڙو ملهائڻ ج??ن تياريون عروج تي پهچي ويون آهن، بازارن ۽ مارڪيٽن ۾ اسٽالز لڳي ويا جتي قومي جهنڊن، بيجز ۽ اسٽي??رز جو وڪرو جاري آ??ي، ننڍن ٻارن جي لاءِ جشن آزادي جي مناسبت سان لباس ۽ شرٽس جي انهن اسٽالز تان خريداري جاري آ??ي، هر طرف سبز هلالي جهنڊن جي بهار اچي چڪي آ??ي، دڪانن، گهرن ۽ گاڏين تي قومي جهنڊا لهرايا پيا وڃن جڏهن ته نوجوانن پنهنجي پنهنجي موٽرسائيڪلن ۽ ڪارن کي پڻ قومي جهنڊن سان سينگاري ڇڏيو آهي. ڪالهه اربع ڏينهن اي پي پي جي سروي موجب شهر جي مختلف علائقن، گهٽين، پاڙن، رستن، عمارتن ۽ ٻين جاين کي انتهائي خوبصورتي سان سجايو پيو وڃي. خاص طور تي ٻارن ۾ جشن آزادي ملهائڻ ج?? تيارين جي حوالي سان جوش ۽ جذبو ڏسڻ ج??ڙو آهي. شهر جي سمورن علائقن ۾ جشن آزادي جي حوالي سان پاڪستاني جهنڊن، جهنڊين، بيجز ۽ ٻين سجاوٽ وارين شين جي وڪري جي لاءِ سوين عارضي اسٽالز لڳايا ويا آهن، جتان شهري جشن آزادي ملهائڻ ج?? لاءِ مختلف سجاوٽ جون شيون خريد ڪري سگهن ٿا. ٻار، وڏا بزرگ ان اهم ڏينهن ملهائڻ ج?? لاءِ هر طرح جي تيارين ۾ مصروف اچن ٿا.