اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي سميت پاڪ فوج جي 6 آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سڄي قوم پنهنجي شهيد?? کي سلام پيش ڪر?? ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ليفٽيننٽ جنرل سرفراز، ڊي جي ??اڪ??تان ڪوسٽ گارڊ ميجر جنرل امجد حنيف، ڪمانڊر انجنيئر 12 ڪور برگيڊيئر خالد، پائليٽ ميجر سعيد، ڪو پائليٽ ميجر طلحيٰ ۽ ڪر??و چيف نائيڪ مدثر شهيد کي سڄي قوم سلام پيش ڪر?? ٿي. هن چيو ته وطن جا اهي فرزند قوم جو فخر آهن، جن پنهنجون جانيون ٻوڏ ۾ گهيريل پنهنجي هم وطنن جون جانيون بچائڻ جي لاءِ قربان ڪر?? ڇڏيون. وزيراعظم چيو ته ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي ۽ سندس ساٿي انسانيت جي خدمت ۽ فرض جي ادائيگي جو روشن مثال بڻيا آهن. ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي هڪ بهترين پروفيشنل فرض شناس ۽ قابل آفيسر هجڻ سان گڏوگڏ انتهائي ايمان??ار ۽ سٺو انسان هو. هن چيو ته سڄي قوم ان حادثي تي انتهائي ڏکويل آهي. اسان شهيدن جي گهروارن سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت ڪر??ون ٿا. سڄي قوم شهيدن جي گهروارن جي ڏک ۾ شريڪ آهي. الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ گهروار?? کي صبر ۽ اجر عظيم عطا فرمائي.