مري – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته مري ايڪسپريس وي جي مرمت جي لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن، هر 15 ڪلوميٽر تي بهترين معيار جا ريسٽ ايرياز ٺاهيا وڃن، غيرقانوني اڏاوتن کي روڪيو وڃي، نيو مري ڪيبل ڪار ۽ چيئر لفٽ کي عا??مي معيار موجب اپ گريڊ ڪرڻ جي لاءِ انٽرنيشنل بڊنگ ڪرائي وڃي، تعميراتي منصوبن سان مري جي قدرتي حسن ۽ لينڊ اسڪيپ کي نقصان نه پهچڻ گهرجي. مري جي ??وري جي موقعي تي وزيراعظم کي اين ايڇ اي عملدارن بريفنگ ڏني. وزيراعظم مري ايڪسپريس ويس جي لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي ۽ حڪم ڏنو ته هزاره موٽروي جي معياري ڪم کي نظر ۾ رکندي مري ايڪسپريس وي جي مرمت ڪئي وڃي، اڳ م ئي تمام گهڻو پئسو ضايع ٿي چڪو آهي، هاڻي هڪ پئسو به ضايع ٿيڻ نه گهرجي ۽ هزاره موٽروي تي ڪم ڪندڙ ڪمپني سان مشاورت ۽ رهنمائي حاصل ڪري معياري ڪم ڪيو وڃي. وزيراعظم ايڪسپريس وي تي جڳهه جڳهه غيرقانوني تعميرات روڪڻ 7 هر 15 ڪلوميٽر کانپوءِ مناسب جڳهه تي معياري ريسٽ ايرياز ۽ اسپاٽس بڻائن جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته سياحن کي بهترين سهولتون فرا??م ڪيون وڃن. وزيراعظم مري جي لاءِ پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جو منصوبو مڪمل ڪرڻ ۽ تعليمي سهولتون بهتر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته نيو مري جي ??عمير ان انداز ۾ ڪئي وڃي ته علائقي جو قدرتي حسن متاثر نه ٿئي، ڪيبل ڪار ۽ چيئر لفٽ جي ??هولت عا??مي معيار موجب بڻائڻ جي لاءِ عا??مي بڊنگ ڪرائي وڃي. ان موقعي تي مواصلات وارو وزير مولانا اسعد محمود، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پڻ موجود هئا.