اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته وز??راعظم ??حمد شهباز شريف پشاور موڙ کان نيو اسلام آباد ايئرپورٽ تائين ميٽرو بس سروس منصوبي ۾ 5 سالن جي دير جي جاچ ۽ غفلت جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ جو حڪم ??ئي ڇڏيو آهي، اڳوڻن حڪمرانن پوڻا چار سالن جي نالائقي ۽ نااهلي لڪائڻ جي لاءِ غيرملڪي سازش ??ي ڪوڙ جو رٽ لڳائي رکي آهي، انهن وٽ ڏيکارڻ ۽ ٻڌائڻ جي لاءِ ڪجهه نه آهي. هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته وز??راعظم ??حمد شهباز شريف 7 وڳي اسلام آباد ميٽرو بس سروس تي جاري ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ پشاور موڙ ميٽرو بس جي سائيٽ تي پهتو. هن چيو ته هي منصوبو اڳوڻي وز??راعظم ??حمد نواز شريف جي دور ۾ 2017ع ۾ شروع ٿيو هو جنهن کي 2018ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو، ان ۾ 5 سالن جي دير ٿي ۽ مصنوبي تي ڪم مڪمل نه ٿيو. مريم اورنگزيب چيو ته وز??راعظم ??حمد شهباز شريف منصوبي ۾ دير جا جاچ ڪرائڻ جو حڪم ??ئي ڇڏيو آهي ۽ غفلت جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته وز??راعظم رمضان المبارڪ ۾ ميٽرو بس سروس شهرين جي لاءِ مفت هلائڻ جو حڪم ??نو آهي، رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ شهري مفت سفري سهولتون حاصل ڪندا. هن چيو ته وز??راعظم اسلام آباد ميٽرو کي ٽن رستن کان موٽروي سان ڳنڍڻ جي فوري فزيبلٽي جي تياري جو حڪم پڻ ڏنو آهي ۽ باره ڪهو، پشاور موڙ ۽ روات جي روٽس تي ميٽرو هلائڻ جي لاءِ فوري فزيبلٽي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته وز??راعظم اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي شهرين کي بهترين ۽ معياري سفري سهولتون يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته اڳوڻن حڪمرانن پنهنجي پوڻي چئن سالن جي نالائقي ۽ نااهلي لڪائڻ جي لاءِ غيرملڪي سازش ??ي ڪوڙ جي رٽ لڳائي رکي آهي، نااهلي، نالائقي، سنگدلي ۽ ڪرپشن اڳوڻن حڪمرانن کان غيرملڪي سازش جو ڪوڙ ڳالهرائي رهي آهي ڇو ته انهن وٽ ڏيکارڻ ۽ ٻڌائڻ جي لاءِ ٻيو ڪجهه نه آهي.