اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف وزيرا??ظم آفيس پهچي ذميداريون باضابطه انجام ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون، وزيرا??ظم شهباز شريف مقرر آفيس وقت شروع ٿيڻ کان اڳ ئي صبح 8 وڳي آفيس پهچي ويو، جڏهن ته رمضان المبارڪ ۾ سرڪاري وقت موجب آفيسون صبح 10 وڳي کلنديون آهن، وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيرا??ظم شهباز شريف هفتي ۾ ٻن ڏينهن بدران هڪ ڏينهن موڪل جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته سرڪاري آفيسن جي وقت ۾ تبديلي ڪندي آفيسون 10 وڳي بدران 8 وڳي کولڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻئي طرف وزيرا??ظم شهباز شريف جي آفيس سنڀاليندي ئي عوام کي رليف جي فراهمي جي انهن جي اعلانن تي عملدرآمد جو آغاز شروع ٿي ويو آهي، وزيرا??ظم شهباز شريف گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڪيل پنهنجي اعلانن تي عملدرآمد جا حڪم جاري ڪيا، هن هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ دوران سستي بازارن ۾ معياري ۽ سستي اگهن تي شين جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، هن رمضان بازارن جي سخت مانيٽرنگ يقيني بڻائڻ جي ب?? هدايت ڪئي. وزيرا??ظم خبردار ڪيو ته عوام کي سستي شين جي فراهمي ۾ غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، هن پينشرن جي پينشن ۾ اضافي، گهٽ کان گهٽ پگهار 25 هزار ڪرڻ جي اعلانن تي فو??ي طور عملدرآمد جو حڪم به جاري ڪيو، وزيرا??ظم شهباز شريف سان وزيرا??ظم آفيس جي آفيسرن ۽ عملي ملاقاتون ڪيون، وزيرا??ظم انهن کي هدايت ڪئي ته هو هوشيار ٿي وڃن اسان عوام جي خدمت لاءِ آيا آهيون، هڪ لمحو به ضايع ڪرڻ کانسواءِ عوام جي خدمت ڪنداسين، هن چيو ته ايمانداري، شفافيت، اڻٿڪ محنت اسان جا رهنما اصول آهن.