اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چ??و آهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ جي تجويز جي حق ۾ نه آ??يان، سنڌ هائوس ۾ جيڪو ڪجهه ٿي ره??و آهي اهو ميثاق جمهوريت جي روح جي م??افي آهي، اڄ 90ع جي ڏهاڪي جي سياست کي ورجايو پيو وڃي، پارليامينٽ جي محافظن جي هٿان جيڪڏهن پارليامينٽ کي نقصان پهچي ته اهو ئي چيو ويندو ته ان گهر کي باهه لڳي وئي گهر جي ڏيئي مان. ملڪي سياسي صورتحال جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته هر ميمبر باوقار ماڻهن جو چونڊيل آهي ۽ هو پنهنجي ضمير موجب پنهنجو فيصلو ڪرڻ جو پابند آهي. ڪو فيصلو ڪرڻ کان پهرين انهن اميدن کي ذهن ۾ رکڻو پوندو ته جيڪي تڪ جي عوام چونڊڻ کان پهرين توهان سان وابسته ڪيون. هن چيو ته اڄ 90ع جي ڏهاڪي جي سياست کي ورجايو پيو وڃي، انهي طرز سياست جي خلاف ميثاق جمهوريت آندو ويو هو پر سنڌ هائوس ۾ جيڪو ڪجهه ٿي ره??و آهي اهو ميثاق جمهوريت جي روح جي م??افي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ جي تجويز جي حق ۾ نه آ??يان، هن چيو ته اڄ وزيراعظم عمران خان جي ص??ار?? ۾ پوليٽيڪل ڪميٽي جو اجلاس آهي، آئون ماضي جي تجربن جي روشني ۾ ات?? به پنهنجو موقف پيش ڪندس، پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت هن وقت تائين ان مبينه ”حادثاتي م??زائل فائر“ جو تسلي بخش جواب ناهي ڏنو، افغانستان جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي، يوڪرين ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي ڪري تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ره??و آهي، جنهن سان معيشت تي وڌيڪ بار پوندو، انهن حالتن ۾ غير يقيين صورتحال پيد ڪرڻ، جمهوريت جي م??اد ۾ نه آ??ي نه ئي معيشت جي م??اد ۾ آهي نه ئي پاڪستان جي عوام جي م??اد ۾ آهي، اهي ماڻهو جيڪي اقتدار جو هوس لاءِ ملڪ ۾ غير يقيني صورتحال پيدا ڪري رهيا آهن انهن کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.