اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فوا?? حسين چيو آهي ته جهلم ۾ بلدياتي چونڊون پهرين مرحلي ۾ ٿينديون، جهلم جي عوام بلدياتي چونڊن جي تي??ري ڪري وٺي، وزيراعظم عمران خان جهلم جي عوام کي للا کان جهلم ڊوئل ڪيرج وي ۽ ڪينال جو تحفظ ڏنو، اسلام آباد کان کاريان موٽروي جو ٽينڊر ج??ري ٿي چڪو آهي، تمام جلد ان تي ڪم شروع ٿي ويندو، وزيراعظم عمران خان جو اهو جهلم جي عوام لاءِ ٽيون وڏو تحفو آهي، تحريڪ انصاف جهلم مان بلدياتي چونڊن ۾ ڪل??ن سويپ ڪري وزيراعظم جي انهن تحفن جو حق ادا ڪندي. اها ڳالهه هن جهلم پريس ڪلب جي عهديدارن سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد – کاريان موٽروي پراجيڪٽ سان جهلم اسلام آباد کان 50 منٽ جي سفر تي رهجي ويندو. هن چيو ته للا کان جهلم ڊوئل ڪيرج وي ڪراچي، ڏکڻ پنجاب ۽ وچ پنجاب کي ڪشمير تا??ين ڳنڍيندڙ ملڪ جو اهم رستو بڻجي ويندو. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته ٽيڪنالاجي ۾ جدت ۽ ڊيجيٽل دور جي ڏس ۾ جهلم پريس ڪلب ۾ ڊيجيٽل ليب ۽ ميڊيا هال جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم جي صحت ڪارڊ پروگرام تحت جهلم جي صحافين کي صحت ڪارڊ فراهم ڪيا ويا آهن جنهن سان اهي 10 لک رپين تا??ين پنهنجي علاج جي سهولت مان فائدو کڻي سگهندا. هن چيو ته وزيراعظم جي اپنا هائوسنگ اسڪيم تحت جهلم جي صحافين جي لاءِ آسان قرضن جي سهولت جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي.