راولپنڊي – 06 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن وزيراعظم جي چي?? جي دوري تي تنقيد ڪئي، بدقسمتي سان انهن کي گڏيل ۽ گهڻ رخي دور?? جي هيجي تائين خبر نه آهي ۽ اهي پرڏيهي معاملن جا ماهر بڻجي ويٺل آهن، عمران خا?? جي خلاف ڪا به سازش ڪامياب نه ٿيندي، مخالف ڌر ڪالهه ٻه ڪلاڪ غور فڪر ڪيو، اهي ڪيترا به ڏينهن غور فڪر ڪن، ناڪامي انهن جو مقدر آهي، ڪالهه جي محفل ۾ شهباز شريف ۽ بلاول صاحب ماتم ڪري رهيا هئا، مريم نواز به ان محفل ۾ شامل ٿي ۽ هم پانڇ جي سيريز هلي، انهن جون چيخون آسمان تي ٻڌڻ ۾ اچي رهيون هيون ته وزيراعظم جو چين جو دورو ڪيتر?? ڪامياب ٿيو آهي، مخالف ڌر 5 فيبروري کي ”چور يڪجهتي ڏهاڙو“ ڊڪليئر ڪيو، انهن کي تمام جلد وڌيڪ دوائ?? جي ضرورت پوندي، بلاول ڀٽو لانگ مارچ ته پري شارٽ مارچ به نه ٿو ڪري سگهي، لانگ جي لفظ ۾ جيتري هيجي آهي ايترا انهن وٽ ماڻهو به نه آهن جو اهي مارچ ڪري سگهن، وزيراعظم جو چين جو دور?? ڪامياب رهيو، ان دوري جي نتيجي ۾ معاشي استحڪام ايندو، پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا مستحڪم ٿي رهيا آه?? جيڪي پاڪستا?? جي معيشت کي به بدلائي رهيا آهن. چي?? جي دوري تان وطن واپسي تي نور خان ايئر بيس تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظ?? عمران خان جو چين جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، جيڪا محبت ۽ گرمجوشي چي?? جي قيادت ۽ عوام پاڪستا?? جي لاءِ ڏيکاري آهي اها بي مثال هئي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهن ان دوري تي اجائي تنقيد ڪئي، اهڙن ماڻهن کي گڏيل دورن ۽ گهڻ رخي دور?? جي هيجي تائين نه ٿي اچي بدقسمتي سان اڄ اهي پرڏيهي معاملن جا ماهر بڻجي ويٺل آهن. هن چيو ته 20 کان وڌيڪ ملڪي سربراهه چين ۾ آيل هئا، جهڙي طرح وزيراعظ?? عمران خان جو استقبال ڪيو ويو اهڙي طرح ٻين ملڪي سربراهن جو به استقبال ٿيو. هن چيو ته سرمائي اولمپڪس جي افتتاحي تقريب ۾ چي?? جي ماڻهن پاڪستان ٽيم جي لاءِ جيڪا محبت ڏيکاري اها شايد ئي ڪنهن ٻي ٽيم جي لاءِ ڏيکاري وئي هجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان وٽ سرمائي راندين تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان جا اتريان علائقا سوئيٽزرلينڊ کان وڏا آهن، هتي سرمائي راندي?? جي لاءِ موقعا موجود آهن. هن چيو ته چين به سرمائي راندين ۾ اسا?? جي مدد ڪندو. هن چيو ته وزيراعظ?? عمران خا?? جي دوري تي ڪجهه ماڻهن کي تڪليف آهي، گذريل ڏينهن لاهور ۾ هڪ محفل ٿي جنهن ۾ شهباز شريف ۽ بلاول صاحب ماتم ڪري رهيا هئا، مريم نواز به اتي پهچي وئي ۽ هم پانڇ جي ڊراما سيريز هلي، انهن جون چيخون آسمان تي ٻڌجي رهيون هيون، انه?? جي چيخن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته وزيراعظم جو چين جو دورو ڪيتر?? ڪامياب رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پوري قوم 5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو جڏهن ته مخالف ڌر ”چور يڪجهتي ڏهاڙو“ ملهايو. هن چيو ته مخالف ڌر پنهنجي چورين تي پڙدو وجهڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، اهي علائقائي پارٽيون آهن، قومي سياست ۾ انهن جو ڪو ڪردار نه آهي. چوڌري فو??د حسين چيو ته بلاول ڀٽو لانگ مارچ ته پري شارٽ مارچ به نه ٿو ڪري سگهي، لانگ جي لفظ ۾ جيتري هيجي آهي ايترا انهن وٽ ماڻهو به نه آهن جو اهي مارچ ڪري سگهن. هن چيو ته مخالف ڌر 13 هون ڀيرو لانگ مار?? جي ڪال ڏني آهي، جڏهن اهي پٺتي مُڙي ڏسن ٿا ته خبر پوي ٿي ته ڊرائيور ۽ گارڊز کانسواءِ ڪو ٻيو شخص لانگ مارچ ۾ موجود ئي ناهي هوندو. هن چيو ته هن ڀيري اسان ڪوشش ڪنداسين ته انهن کي ڪجهه ماڻهو به فراهم ڪيون ته جيئن انهن کي لانگ مارچ ۾ ڪا تڪليف نه ٿئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پيپلزپارٽي شهباز شريف جي گهر وڃي پنهنجو سرنڊر ڊاڪيومينٽ سائن ڪيو آهي ته پيپلزپارٽي جو پنجاب ۾ ڪو سياسي ڪردار نه هوندو، اهڙي طرح شريف فيملي فيصلو ڪيو آهي ته انهن جو سنڌ ۾ ڪو سياسي ڪردار نه هوندو. هن چيو ته ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انه?? جي مستقبل جي سياست ڪيتري قدر اونداهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مقصود چپڙاسي جي اڪائونٽس ۾ پئسن ۽ شهباز شريف جي ٻين اڪائونٽس جا تفصيل سامهون آيا ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي پاڻ ۾ محبت وڌي وئي آهي. هن چيو ته شهباز شريف اينڊ ڪمپني جي اڪائونٽس مان ٿيندڙ مني لانڊرنگ ۾ اهو ئي طريقو اختيار ڪيو ويو جيڪو زرداري اومني گروپ جي ذريعي اختيار ڪيو هو، جڏهن چوري جا سمورا راز هڪ جهڙا هوندا ته انهن جون ملاقاتون به ٿينديون. هن چيو ته عمران خان ۽ پاڪستان کي الله تعاليٰ عزت ڏني آهي، چي?? جي صدر ۽ وزيراعظم پاڪستا?? جي معاشي صورتحال ۽ سڌار?? جي عمل کي ساراهيو آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهن کي چي?? جي ڪامياب دوري تي تڪليف آهي ڇو ته انهن کي خبر آهي ته جيڪڏهن اسا?? جي حڪومت رهي ته انه?? جي چوري جا پئسا ٻاهر نه رهي سگهندا، انه?? جي تڪليف سامهون نظر ايندي، اهي پنهنجي تڪليف جو اظهار ڪندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظ?? عمران خان جو چين جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، ا?? جي نتيجي ۾ معاشي استحڪام ايندو، پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا مستحڪم ٿي رهيا آه?? جيڪي پاڪستا?? جي معيشت کي به بدلائي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته وزيراعظ?? عمران خا?? جي ازبڪستا?? جي صدر سان به ملاقات ٿي آهي، ازبڪستان جو صدر مارچ ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪا به سازش عمران خا?? جي خلاف ڪامياب نه ٿيندي، ڪالهه مخالف ڌر ٻه ڪلاڪ غور فڪر ڪيو، اهي ڪيترا به ڏينهن غور فڪر ڪن ناڪامي انهن جو مقدر رهندي. هن چيو ته مخالف ڌر سينيٽ ۾ اڪثريت ثابت نه ڪري سگهي، قومي اسيمبلي ۾ اهي تمام گهڻو پٺتي آهن، اهي ڪجهه به نه ڪري سگهندا، انه?? جي حالت پتلي آهي، انهن کي وڌيڪ دوائ?? جي ضرورت پوندي. هڪ سوال تي هن چيو ته چي?? جي دوري تي ايم ايل ون منصوبي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، ان کانسواءِ آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل، چانور جي روانگي واپار سميت سيمي ڪنڊڪٽر انڊسٽري قائم ڪرڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. مجموعي طور تي 21 ڪلسٽرز تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. چي?? جي صدر ۽ وزيراعظم کي هڪ پيج بُڪ تيار ڪري ڏنو آهي، ان تي سيڪٽورل فريم ورڪ بڻجي ويو آهي، انشاءَ الله ان تي تيزي سان اڳڀرائي ٿيندي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چين پاران پاڪستان مان هڪ ملين ٽن چانور ۽ سيمنٽ ڪنڪر جي خريداري سان پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر واپار ذريعي حاصل ٿي سگهن ٿا. هڪ سوال تي هن چيو ته گوادر پورٽ تيار ٿي، ان کانپوءِ رستا تيار ٿيا، پاور پراجيڪٽ ٺاهيا ويا، هاڻي جيڪا ڪنيڪٽيويٽي تيار ڪئي آهي ا?? جي ساڄي کاٻي انڊسٽريون لڳڻيون آه?? جيڪو هڪ مشڪل ۽ ڊگهو مرحلو آهي. هن چيو ته چين کي پاڪستا?? جي قيادت ۽ پاڪستا?? جي قيادت کي چين تي مڪمل اعتماد آهي، ٻنهي طرفن کان نجي شعبي کي سهولتون ڏنيون پيون وڃن.