اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته پاڪستان يونان ??ان ثقافت، تعليم ۽ سياحت جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن يونان جي عهدو ڇڏيندڙ سفير آندرياس پاپستاورو ??ان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر ??يو ته پاڪستان يونان ??ان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان مختلف شعبن ۾ يونان ??ان ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن ??يو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ جي ڪا??ي صلاحيت موجود آهي. صدر ملاقات ۾ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي قيام لاءِ پاڪستاني ڪوششن جو به ذڪر ڪيو ۽ ??يو ته امن ۽ استحڪام ??ان نه رڳو افغانستان پر خطي جي ٻين ملڪن ۾ به معاشي خوشحالي ايندي. ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته پاڪستان ۾ افغانستان تي او آءِ سي ڪا??فرنس جي پرڏيهي وزيرن جو 17 هون غير معمولي اجلاس ڪا??ياب رهيو. او آءِ سي اجلاس ??ان افغانستان جي جنگ سبب متاثر عوام لاءِ عالمي حمايت ۽ معاشي مدد حاصل ٿي. هن پاڪ – يونان لاڳاپن جي فروغ تي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي خدمتن کي ساراهيو.