اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد ح??ين چيو آهي ته ڪاروباري عورتون ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري س??هن ٿيون، عورتن جي معاشرتي سرگرمين ۾ شرڪت کانسواءِ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري س??هي، ڳوٺن جي ڀيٽ ۾ شهرن ۾ مهانگائي جو مسئلو وڌيڪ آهي، 1100 ارب رپيا رورل اڪانومي ۾ منتقل ٿيا جنهن جي ڪري اڄ ڳوٺن ۾ ماڻهو وڌيڪ خوشحال آهن، اسان کي مهانگائي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ آمدني ۾ اضافو ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن فنڪا مائيڪرو فنانس بئنڪ جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته عورتون اسان جي آبادي جو 50 سيڪڙو حصو آهن، جيڪڏهن آبادي جو هڪ وڏو حصو ڪم نه ڪندو ته ملڪ اڳتي نه ٿو وڌي س??هي. هن چيو ته اسان کي معاشي سرگرمين ۾ عورتن کي شريڪ ڪرڻو پوندو، تڏهن ئي هي ملڪ ترقي ڪري س??هندو. چوڌري فواد ح??ين چيو ته هنرمند ۽ تعليم يافته عورتو?? پنهنجون ڪمپنيون جوڙي س??هن ٿيون، انهن جي لاءِ فنانس جي سهولت دستياب آهي، حڪومت به ڪيترن ئي پروگ??ام?? ۾ عورتن کي مالي مدد مهيا ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته نئين احساس پروگرام ۾ 5 لک رپين تائين جا قرض دستياب آهن، عورتو?? پنهنجو ڪاروبار قائم ڪن، ڪاروبار هوندو ته روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا. هن چيو ته وزيراعظم جيڪو ريليف پئڪيج ڏنو آهي ان جو مقصد 31 هزار رپين کان گهٽ آمدني و??رن ماڻهن کي اٽو، دال ۽ گيهه تي 30 سيڪڙو سبسڊي ڏيڻ آهي. چوڌري فواد ح??ين چيو ته آمدني گهٽ ٿيڻ سان مهانگائي جا مسئلا حل نه ٿيندا ۽ عالمي سطح تي تيل جون قيمتون گهٽ نه ٿينديون، ان لاءِ مهانگائي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ آمدني ۾ اضافو لازمي آهي. هن چيو ته 1100 ارب رپيا رورل اڪانومي ۾ منتقل ٿيا، اڄ شهرن جي ڀيٽ ۾ ڳوٺن ۾ ماڻهو وڌيڪ خوشحال آهن، شهرن ۾ مهانگائي جا مسئلا وڌيڪ آهن، ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي آمدني ۾ اضافو ڪرڻو پوندو.