اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??خالف ڌر جو دڪان اڳ ۾ به نه هليو، هاڻي به نه هلندو، مخالف ڌر جي ڪا سياسي سوچ نه آهي، صبح کان رات تائين عمران خان کي برو ڀلو چوڻ سا?? اهي اقتدار ۾ نه ٿا ??چي سگهن، مخالف ڌر اليڪٽورل ريفارمز ۽ نيب قانونن سميت وڏن سڌارن تي اسان سان گڏ ويهي، اس??ن ڳالهين لاءِ تيار آهيون، جيڪڏهن انهن جو مقصد پنهنجا ڪيسز ختم ڪرائڻ آهي ته ان تي ڳالهه نه ٿي ٿي سگهي، مولانا فضل الرحمان کي مشورو آهي ته ??و هاڻي ماڻهن جي جلسن جي لاءِ ريٽ جو ڪم ڪري، کيس جيترو استعمال ٿيڻو هو ٿي چڪو آهي، هاڻي ان جي اهميت ناهي رهي، وزيراعظم ۽ آرمي چيف جون ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن، معاملا حل ٿي چڪا آهن، مخالف ڌر جو ڪم ئي نقطه چيني ڪرڻ آهي، هن وقت گيهه، ڪڻڪ ۽ بجلي تي سبسڊي ڏني پئي وڃي، سڄو ملڪ سبسڊي تي نه هلائي سگهجي، هن سال اسان کي 12 ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيلي گرافي نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ صحافين س??ن ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خطاطي جو فن بنيادي طور تي اسلام ۽ مسلمانن س??ن ڳنڍيل آهي، قرآن پاڪ کي خطاطن لکيو، مسلمان تاريخ ۾ خوبصورت ڪيلي گرافي موجود آهي جنهن جو ڪٿي مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته حڪومت هن عشره کي رحمت للعالمين ﷺ جي نالي سان منسوب ڪري چڪي آهي، وزيراعظم سڀاڻي هڪ وڏي ڪانفرنس کي پڻ خطاب ڪندو. هن چيو ته ??اهور ۽ ڪراچي ۾ پڻ اهڙي قسم جون نمائشون منعقد ڪيون وينديون. ان موقعي تي صحافين س??ن ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??زيراعظم ۽ آرمي چيف جون ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن، سڀ معاملا حل ٿي چڪا آهن، مخالف ڌر جو ڪم ئي نقطه چيني ڪرڻ آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ اٽي ۽ کنڊ جون قيمتون گهٽ ٿي رهيون آهن، ڪمند جي بمپر فصل جي اميد آهي جنهن سان کنڊ جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ ريليز نه ڪرڻ جي ڪري سنڌ ۾ اٽو مهانگو ٿيو، هاڻي سنڌ حڪومت به ڪڻڪ ريليز ڪري ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ سنڌ ۾ به اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??وري دنيا ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، اسان ڪنهن الڳ دنيا ۾ نه ٿا ??هون، عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون وڌنديون ته ??تي به تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيندو، جيڪڏهن اتي تيل جون قيمتون گهٽ ٿينديون ته ??تي به قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته ڪجهه سياسي شعبده باز ڳالهيون ته ڪن ٿا پر مسئلي جو حل سامهون نه ٿا ??ڻين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت ربيع الاول جي مهيني جي مناسبت سان سيرت النبي تي اسيمبلي ۾ ڳالهه ڪرائڻ چاهي ته ??خالف ڌر ان سيشن جو ئي بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. هن يچو ته ??ي جمهوريت پسند ماڻهو نه آهن، رڳو ڊيل جي ڳولا ۾ آهن ۽ هاڻي احتجاج جو بهانو ڳولين پيا. هن چيو ته ??خالف ڌر کي جڏهن خبر پوي ته ??وج ۽ حڪومت ۾ اختلاف ٿي ويو آهي ته ??ي سي وي کڻي بيهي رهن ٿا ۽ جڏهن خبر پوي ٿي ته ڊيل ناهي ٿي ته ??وءِ هي فوج جي خلاف ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا. هن چيو ته انهن جي ڪا سياسي سوچ نه آهي، صبح کان وٺي رات تائين عمران خان کي برو ڀلو چوڻ سان هي اقتدار آ۾ نه ٿا ??چي سگهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??خالف ڌر پنهنجي پاليسين تي ٻيهر غور ڪري، اليڪٽورل ريفارمز، نيب قانونن سميت وڏن سڌارن تي اچي، اسان س??ن ڳالهيون ڪري، اس??ن ڳالهين لاءِ تيار آهيون پر جيڪڏهن انهن جو مقصد پنهنجا ڪيسز ختم ڪرائڻ آهي ته ان تي ڳالهه نه ٿي ٿي سگهي. هن چيو ته ??خالف ڌر جي دڪان اڳ ۾ به نه هلي هاڻي به نه هلندي، فيصل آباد جلسي ۾ جي يو آءِ مدرسي جي شاگردن کي وٺي آئي، انهن (ن) ليگ جا جهنڊا پڪڙيا جنهن تي انهن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿيو. هن چيو ته ??ولانا فضل الرحمان کي مشورو آهي ته ??و هاڻي ماڻهن کي جلسن جي لاءِ ريٽ جو ڪم ڪري، کيس جيترو استعمال ٿيڻو هو ٿي چڪو آهي، هاڻي ان جي اهميت ناهي رهي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??ن وقت گيهه، ڪڻڪ ۽ بجلي تي سبسڊي ڏني پئي وڃي، سڄو ملڪ سبسڊي تي نه ٿو هلائي سگهجي. سبسڊي عوام جي ٽيڪس جي پئسن سان ڏني وڃي ٿي، ملڪ کي هلائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻي هوندي آهي. هن چيو ته ??ن سال اسان کي 12 ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان کي گڏجي مهانگائي جو مقابلو ڪرڻو آهي، پرائيويٽ ڪمپنيون ۽ ميڊيا مالڪ به پنهنجي ورڪرز جي پگهارن ۾ اضافو ڪن.