ڪابل -11آڪٽوبر (اي پي پي) افغانستان جي پرڏيهي وزارت آمريڪا طرفان افغانستان کي انساني بنيادن تي امداد فراه?? ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪرڻ جي آجيان ڪندو چي?? آهي ته انساني بنيادن تي امداد کي سياسي مسئلن سان ڳنڍڻ نه گهرجي. طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پرڏيهي وزارت جي حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چي?? ته اماراتي اسلامي افغانستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻن ڏينه?? جون ڳالهيون سٺيون رهيون ۽ ان دوران مختلف سياسي مسئلن تي تفصيلي طور غور ويچار ڪيو ويو. هن چي?? ته افغانستان مسئلي جي حل لاءِ دوحه معاهدي تي مڪمل عملدرآمد کي بهترين رستو قرار ڏنو ۽ چي?? ته انساني امداد کي سياسي مسئلي سان ڳنڍڻ نه گهرجي. هن چي?? ته آمريڪي نمائندن افغان شهرين کي امداد فراه?? ڪرڻ ۽ ٻين تنظيمن کي امداد جي فراهمي ڪرڻ ل??ءِ سهولت فراه?? ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو جنه?? جو اماراتي اسلامي افغانستان آجيان ڪئي آهي. هن چي?? ته افغانستان شفاف بنيادن تي ضرورتمند ماڻهن کي امداد جي فراهمي ۾ سهڪار ڪندو. پرڏيهي شهرين جي واپسي ۾ مدد فراهم ڪندو. هن چي?? ته آمريڪا سان ٿيل ڳالهين دوران سمورن لا??اپيل مسئلن تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ افغانستان کي بهتر رياست بڻائڻ ل??ءِ سفارتي ناتن جي بحالي لاءِ ڪوششون تيز ٿيڻ گهرجن. هن چي?? ته آمريڪا سان ڳالهين کي هڪٻئي کي سمجهڻ جو بهترين موقعو سمجهون ٿا ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته مستقبل ۾ ان قسم جون ڳالهيون وڌيڪ منعقد ڪيون وينديون.