اسلام آباد/نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي ??زير مخدوم شاهه محمود قريشي افغانستان جي حوالي س??ن يورپي يونين جي قراردادن ۾ پاڪستان بابت منفي ۽ غيرمنطقي حوالن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙي قسم جا غيرمنطقي حوالا پاڪستان ۽ يورپي يونين جي گڏيل لاڳاپن سان هڪ جهڙائي نه ٿا رکن ۽ اهو امن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي نظرانداز ڪرڻ جي برابر آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان تمام گهڻو مالي ۽ جاني نقصان برداشت ڪيو آهي. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ يورپي يونين جي پرڏيهي ??عاملن جي سربراهه جوزف بوريل سان ملاقات دوران چئي. ڳالهه ٻولهه دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ٿيڻ نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهي. انساني ۽ معاشي بحران جي نظر ايندڙ خطري جي ڏس ۾ عالمي برادر?? کي افغانستان جي معاونت کي جاري رکڻو پوندو. پرڏيهي ??زير يورپي يونين جي پرڏيهي ??عاملن جي سربراهه کي ٻين يورپي ملڪن جي پرڏيهي ??زيرن سان ٿيندڙ رابطن کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي ??زير افغانستان جي حوالي س??ن يورپي يونين جي قرارداد ۾ پاڪستان بابت منفي حوالن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اهڙي قسم جا غيرمنطقي هوالا پاڪستان ۽ يورپي يونين جي گڏيل لاڳاپن سان هڪ جهڙائي نه ٿا رکن ۽ امن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي نظرانداز ڪرڻ جي برابر آهي. پرڏيهي ??زير چيو ته افغانستان مان مختلف ملڪن جي سفارتڪارن ۽ ٻين عملدارن جي محفوظ انخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ڀرپور معاونت ڪئي. ٻطرفن لاڳاپن جي ڏس ۾ پرڏيهي ??زير پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ تعاون جي نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ سياسي ۽ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جلد منعقد ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پرڏيهي ??زير ۽ يورپي يونين جي پرڏيهي ??عاملن جي سربراهه افغانستان تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.