اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ سندس معاشي ٽيم جي ڪامياب ??ڪم?? عملي جا ثمر سامهون اچڻ لڳا آهن، مالي سال 22 – 2021ع جي شروعات ۾ ئي ٽي??س اوڳاڙين جي هدف کي عبور ڪرڻ خوش آئند?? آهي، (ن) ليگ جي دور ۾ ريفنڊ روڪي ايڊوانس ٽيڪس وصول ڪري مصنوعي انگ اکر جاري ڪيا ويندا هئا، اسان گذريل مالي سال ۾ 364 ارب جا ريفنڊ ??نا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته آگسٽ 2021ع ۾ 434 ارب جو روينيو گڏ ٿيو جيڪو ٽارگيٽ 349 ارب کان 85 ارب رپيا وڌيڪ آهي، 2020ع گذريل سال ۾ 300 ارب جو ٽيڪس گڏ ٿيو هو. هن چيو ته جولاءِ ۽ آگسٽ 2021ع ۾ 850 ارب جو روينيو گڏ ڪيو ويو، 2020ع جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ 603 ارب جو روينيو گڏ ٿيو هو، 22 – 2021ع جي پهرين ٻن مهينن ۾ ٽي??س اوڳاڙين ۾ 41 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام سميت ٻين قدمن سان ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ٿيو آهي.