اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪنهن کي اجازت نه ڏينداسين ته ڏيڍ ارب مسلمانن جي دل آزاري ڪري، عمران خان جي مديني جي رياست جي عزم کي اڳتي وڌائينداسين، گڏيل قومن جي فورم تي عمران خان مغرب جي اکين ۾ اکيون وجهي اسلام جو دفاع ڪيو. هو درٻار عاليه عيدگاهه شريف ۾ عالمي يا رسول صه ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ڪانفرنس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، گهرو وزي?? شيخ رشيد احمد، وزيراعظم جو خاص مددگار علامه طاهر اشرفي به موجود هئا، ڪانفرنس جي صدارت سجاده نشين عيدگاهه شريف پير نقيب ??لر??مان ڪئي جڏهن ته صاحبزاده حسان ??سي?? ??لر??مان به خطاب ڪيو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اڄ جو اه?? ميڙاڪو عاشقان رسول ﷺ جو اجتماع آهي، نبي پاڪ ﷺ جي زندگي اسان جي لاءِ مڪمل ح??ات جو ضابطو آهي، هتان امن، محبت، احساس، عدل ۽ انصاف ۽ ڀائيچاري جو پيغام ملي ٿو.