سرگوڌا – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته پاڪستان ۾ ڪنهن ڪمزور طبقي لاءِ نه سوچيو، موجوده حڪومت پهريون ڀيرو عام ماڻهن کي گهرن جي فراهمي لاءِ قرض ڏنا، حڪومت جو ڪم عوام جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ آهي، کنڊ جي قيمت ۾ اضافي جي جاچ ڪرائي ته خوفناڪ شيون سامهون آيون، ڪنهن جا خدشا آهن ته جائزو وٺي سگهن ٿا پر قا??ون جي بالادستي تي ڪو به ٺاهه ??ٿو ٿي سگهي، طاقتور کي قا??ون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ کانسواءِ ترقي نٿي ٿي سگهي جنهن معاشري ۾ انصاف ناهي هوندو اتي غربت هوندي آهي. سرگوڌا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ??ه پاڪستان ۾ ڪنهن ڪمزور طبقي لاءِ گهر ٺاهڻ جو نه سوچيو، وزيراعظم جوڻيجو جي دور ۾ منصوبو ٺاهيو ويو پر ناڪام ٿي ويو، حڪومت ماڻهن کي مفت گهر نٿي ڏي سگهي پر بئنڪن جي ذريعي سهولت فراهم ڪري سگهي ٿي ته جئين عام ۽ غريب ماڻهن کي گهر جي تعمير لاءِ رقم دستاب ٿي سگهي، پهرين بئنڪون عام ماڻهن کي قرض نه ڏينديون هيون، هائوسنگ لاءِ قرض ڏيڻ جي راهه ۾ قا??وني رڪاوٽ هئي جنهن کي ??سان ختم ڪري ڇڏيو. ان ۾ ٻه سال لڳي ويا، گهر ٺاهڻ لاءِ بئنڪن جي شرڪت نهايت ضروري هئي، بئنڪن کي ??ن منصوبي ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ ضروري قا??ونسازي ڪئي وئي، وزيراعظم چيو ??ه هاڻي بئنڪن جي عملي کي ??ربيت ڏني پئي وڃي ته ڪهڙي طرح هو غريب ماڻهو کي ??هولت فراهم ڪن، حڪومت گهر جي تعمير تي ٽي لک سبسڊي به ڏئي رهي آهي ۽ ان سان گهرن جون قسطون گهٽ ٿي وينديون، هڪ عام ماڻهو جيڪو رقم پنهنجي گهر جي مسواڙ جي مد ۾ ڏيندو آهي اها ئي رقم بئنڪ کي قرض جي قسط جي صورت ۾ ادا ڪري پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهي ٿو. جهانگير ترين ۽ سندس حمايت ڪندڙ ڪجهه ??يمبرن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ??ه هو ميمبرن جي ڳالهه ??ڌڻ لاءِ تيار آهي پر سوا سال ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 26 روپين جو اضافو ٿيو ??نهن سان عوام جي کيسي مان 126 کان 140 ارب روپيا نڪري شوگر ملز مالڪن جي جيب ۾ هليا ويا، وزيراعظم چيو ??ه حڪومت جو عوام جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ هوندو آهي، اسان جڏهن ايف آءِ اي کان ان معاملي جي انڪوائري شروع ڪرائي ته خوفناڪ شيون سامهون آيون ته خبر پئي ته ڪيئن ڪارٽلز ٺاهي اهي عوام جو رت چوسين ٿا، ٽيڪس چوري ڪن ٿا، انڊر ڊڪليئر ڪندا آهن.