فيصل آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته اسان کي اهڙو پاڪستان ورثي ۾ مليو جيڪو قرضن ۾ ٻڏل هو، قرض کڻي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌايا ۽ خرچ ڪري ڪم هلايو ويو، انهن حالتن ۾ ملڪ ڪيئن ترقي ڪري، موجوده حڪومت ۾ صنعتي سرگرمين کي فرو?? ڏئي رهي آهي، الله جو شڪر آهي ته هن وقت پاڪستان جا اشارا مثبت آهن، تعميراتي صنعت هلي رهي آهي، ان سان جڙيل صن??تو?? به هلنديون، ان جي لاءِ به اسان پيڪيج ڏنو آ??ي، صنعتي عمل جي ترقي جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت ڪنداسين، ڪورونا وبا جي ٻي لهر ڳڻتي جوڳي آهي، اسان کي احتياط کان ڪم وٺڻو پوندو ته جئين اسان جون ڪاروباري سرگرميون جاري رهن ۽ غربت نه وڌي، خدا نه ڪري ڪورونا جي صورتحال بگڙي ته معيشت به متاثر ٿيندي، هر ڊويزن ۾ هائي ڪورٽ هجڻ گهرجي، مقامي حڪومتن جو اهڙو نظام آڻي رهيا آهيون جنهن سان عوام کي سهولت ملندي. اهڙن خيالن جو اظها?? هن فيصل آباد جي روا??گي واپار ڪندڙن ۽ واپاري برادري جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو،