اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڪامياب جوان يوٿ انٽر پرينيورشپ اسڪيم تحت نوجوانن کي آسان قرضن جي فراهمي جي حوالي سان سڄي ملڪ جي بئنڪن جي صدرن ۽ سربراهن ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ناڻي وار?? صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، واپار وار?? صلاحڪار عبدالرز??ق دائود، سڌارن وار?? صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون محمد عثمان ڊار ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري هڪ پڌرائي موجب نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون پاران ڪامياب جوان يوٿ انٽر پرينيورشپ اسڪيم تحت نوجوانن کي آسان قرضن جي فراهمي جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت نوجوانن کي ڪاروبار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٽن سالن جي لاءِ سئو ارب رپيا رکيا آهن. ان حوالي سان هيستائين 4 لک 70 هزار درخواستون ملي چڪيون آهن جن جي و??ت سر ڇنڊڇاڻ ڪري قرضن جي فراهمي جو سلسلو جاري آهي.