اسلام آب??د ?? 02 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پا??ستان ۾ ڇاتي جي ڪينسر سميت سمورن مرضن بابت جامع قومي ڊيٽا بيس تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو هتي ڇاتي جي ڪينسر بابت اجلاس جي ??دا??ت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، صحت واري خصوصي مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ بيت المال جي ايم ڊي عون عباس بپي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته پا??ستان ۾ مختلف بيمارين بابت مرڪزي ڊيٽا بيس جي کوٽ آهي، ان لاءِ ڇاتي جي ڪينسر سميت سمورين بيمارين تي جامع قومي ڊيٽا بيس تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ??ن چيو ته پا??ستان ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي بيماري ٻين ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏٺي ويندي آهي، ان ڏس ۾ عوام ۾ بيماري جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.