اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽ?? شبلي فراز پاڪ فضائيه جي شهيد نوجوان هواباز راشد منهاس کي سندس يوم شهادت جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قوم سندس وطن جي لاءِ قرباني کي سلام پيش ڪري ٿي. سماجي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ سينيٽ?? شبلي فراز چيو ته نوجوان پائليٽ آفيسر راشد منهاس جي يوم شهادت تي قوم کي?? خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، اطلاعات واري وزير چيو ته جوان عمري ۾ ئي وطن عزيز تي جان نڇاور ڪري هن پنهنجي رت سان عزم ۽ همت ۽ وفا شعاري جي روشن تاريخ لکي آهي، هن چيو ته هٿياربند فوج ملڪ جي ح??اظ?? جي لاءِ بي مثال قربانيون پيش ڪيون.