اسلام آباد – 20 اپريل (ا?? پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڪورونا وائرس سڄي دنيا جي ملڪن جي پارليامينٽن جي لاءِ چئيلنجز پيدا ڪري ڇڏيا آهن، سينيٽ هال ۾ سماجي فاصلي سان اجلاس منعقد ڪرڻ م??ڪن نه آهي، پارلياماني روايتن کي ڏسندي سينيٽ اجلاس قومي اسيمبلي هال ۾ منعقد ڪرائڻ جي اجازت ڏني وڃي ت?? جيئن سينيٽ پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪري سگهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد ق??صر کي لکيل خط ۾ هن چيو ته ڪورونا وائرس سڄي دنيا جي پارليامينٽن جي لاءِ چئلينجز پيدا ڪري ڇڏيا آهن، سينيٽ هال ۾ سماجي فاصلي سان اجلاس منعقد ڪرڻ م??ڪن نه آهي.