وفاقي ڪابينا 2020ع کي روزگار جو سال قرار ڏنو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

image
APP46-14 ISLAMABAD: January 14 - Special Assistant to Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr Firdous Ashiq Awan briefing the media persons about the decisions taken in the Federal Cabinet meeting. APP

اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا 2020ع کي روزگار جو سال قرار ڏيندي مختلف ويزارتن ۽ ڊويزنن کي منظور ٿيل هڪ لک 29 هزار نوڪرين جي لاءِ ڀرتين جي قانوني عمل کي ايندڙ 60 ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، 2017ع جي آدمشماري موجب وفاقي نوڪرين ۾ فاٽا ۽ گلگت بلتستان جي چار سيڪڙو کي جدا ڪرڻ، قومي صحت ۽ خدمتن واري وزارت جو نالو تبديل ڪري صحت ۽ آبادي ڪرڻ، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ترميم ٿيل ايئر سروسز جي معاهدي جڏهن ته ريئر ايڊمرل ذڪاءُ الرحمان کي پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جو ڊائريڪٽر جنرل، برگيڊيئر ضياءَ عابد باجوه کي هيوي انڊسٽريز ٽيڪسلا ۾ ميمبر پروڊڪشن ۽ سردار عبدالمجيد خان کي وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ ريجنل آفيس ڪراچي ۾ مقرر ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا کي مختلف وزارتن پاران عوامي ڀلائي جي ڏس ۾ نشاندهي ڪيل نئين قدمن تي عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪئي وئي.

مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ