اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) ايوان صدر سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ ڊاڪٽر سهيل انجم نالي جعلساز جي ??يوان صدر ۾ گريڊ 21 جي پوسٽ تي مق??ري جي نوٽيفڪيشن جي ??رديد ڪندي چيو آهي ته ايوان صدر ۾ گريڊ 21 ۾ پرسنل سيڪريٽري جو ڪو عهدو موجود نه آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ايوان صدر ۾ ڊاڪٽر سهيل انجم جي مق??ري جو نوٽيفڪيشن جعلي آهي، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ايوان صدر ۾ ڊاڪٽر سهيل انجم نالي ڪنهن شخص جي مق??ري ناهي ڪئي. ايوان صدر جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر سهيل انجم ايوان صدر جي ??يڪريٽري جنرل جي پرسنل سيڪريٽري جا ڪارڊز پڻ ڇپرائي رکيا آهن. ايوان صدر جو چوڻ آهي ته ايوان صدر ۾ سيڪريٽري جنرل ۽ ان جي پرسنل سيڪريٽري جو ڪو عهدو موجود نه آهي، ايوان صدر ۾ آفيسرن جي مق??ري شفافيت ۽ ديانتداري جي ??نياد تي ڪئي وڃي ٿي. ايوان صدر جو چوڻ آهي ته جعلي نوٽيفڪيشن جي ??اچ جي لاءِ معاملو ايف آءِ اي ڏانهن موڪليو ويو آهي.