اسلام آباد – 05 – ڊس??بر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميجر محمد اڪرم شه??د نشان حيدر کي سندس 53هين شهادت جي ??هاڙي تي ??را?? عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر محمد اڪرم شه??د اوڀر پاڪستان ۾ وڙهندي جرئت ۽ بهادري جو لازوال مثال قائم ڪيو، قوم پنهنجي شه??دن ۽ انهن ??ي گهرڀاتين جي ملڪ جي لاءِ قربانين کي ڪڏهن ??ه نه وساريندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ميجر محمد اڪرم شه??د (نشان حيدر) دشمن جي عددي برتري جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ان جو ڄمي مقابلو ڪيو. ميجر محمد اڪرم شه??د فرض شناسي ۽ وطن سان وچن وفا جو اهڙو مثال قائم ڪيو جيڪو نوجوان نسل جي لاءِ قابل تقليد آهي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم کي پاڪ فوج جي شه??دن ۽ انهن ??ي گهرڀاتين تي فخر آهي. وطن جي خاطر پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ وطن جي عظيم فرزندن جي لاءِ پوري قوم جا عقيدت جا جذبا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي شه??دن ۽ انهن ??ي گهرڀاتين جي وطن جي دفاع لاءِ ڏني ويندڙ قربانين کي ڪڏهن ??ه نه وساريندي.