ڪوئيٽا-01 نومبر (اي پي پي) بلوچستان جي عل??ئقي مستونگ ۾ بم ڌماڪي ۾ پوليس اهلڪ??ر سميت 05 ڄڻا شهيد ۽ 13 زخمي ٿي ??يا آهن. پوليس موجب جمعي ڏينهن مستونگ ۾ گرلز هاءِ اسڪول ڀرسان بيٺل پوليس وين ويجهو زودار ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪ??ر سميت 5 ماڻهو شهيد ٿي ??يا جڏهن ته 13 ٻيا زخمي ٿي پيا. جن ۾ هسيب انور، سميع الله، صفي الله ۽ خير النسا شامل آهن. ڌماڪي ۾ ٻارن سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي ??يا آهن جن ۾ امان الله، عائشه، عينه،رونيرا، بابا، عنايا،ام ارم،، دلدار، اختر علي، انيس الرحمٰن، ملڪ حمزه، محمد عرفان، امير حمزه، عبدلارزاق، ??نو??ر احمد ۽ محمد ٿرفان شامل آهن. پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز اطلاع ملندي ئي موقعي تي پهچي ويون. لاشن ۽ زخمين کي فوري طور تي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال مستونگ منتقل ڪيو ويو جتان سخت زخمين کي کي وڌيڪ عل??ج لاءِ ڪوئٽه ٽرامه سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز عل??ئقي جو ڪڙو چاڙهي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.