اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ پاڪستان جي بيلو اڪ??نومي کي مضبوط بنائڻ لاءِ اسٽريٽجڪ شراڪتداريءَ تي زور ڀريو آهي. گذريل ڏينهن هن نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ميري ٽائم افيئرز جو دؤرو ڪيو جنهن ۾ سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ اين آءِ ايم اي و?? ۾ وڌ کان وڌ سهڪار جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو ته جيئن پاڪستان جي سامونڊي شعبي ۽ ملڪ جي بليو اڪ??نومي ۾ ترقيءَ کي اڳتي و??ائي سگهجي. وفاقي وزير ايڪوڪلچر، گرين شپنگ، ميري ٽائم ٽوئر ازم ۽ گرين شپ ري سائڪلنگ جهڙن اهم سامونڊي شعبن کي اڳتي و??ائڻ ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير دؤري دوران ميري ٽائم پاليسي جوڙڻ، تحقيق ڪرڻ ۽ پاڪستان جي سامونڊي مفادن کي اڳتي و??ائڻ ۾ اين آءِ ايم اي جي ڪردار بابت تفصيلي بريفنگ حاصل ڪئي. بريفنگ ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته پاڪستاني سامونڊي معيشت ان وقت ملڪي جي ڊي پي جي 0.2 سيڪڙو کان به گهٽ نمائندگي ڪري رهي آهي جيڪا 8-10 سيڪڙو جي عالمي ??عيار جي بلڪل ابتڙ آهي. اين آءِ ايم اي جي حڪومتي، قومي ۽ عالمي شراڪتدارن سان جاري حصيداريءَ کي به سامونڊي شعبي ۾ ترقيءَ کي تيز ڪرڻ لاءِ ضروري قرار ڏنو ويو. بريفنگ ۾ بليو اڪ??نومي جي مختلف پهلوئن بابت مختلف امڪانن جي ڳولا جو جائزو ورتو ويو ۽ ملڪ جي سامونڊي وسيلن کي ڪتب آڻڻ لا??ِ هڪ اثرائتي قومي ايڪشن پلان جي فوري ضرورت جي نشاندهي ڪئي وئي. وفاقي وزير ميري ٽائم جي سمورن شعبن ۾ پائيدار ترقيءَ لاءِ مستقبل جو روڊ ميپ قائم ڪرڻ لاءِ سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ اين آءِ ايم اي ۽ ٻين ميري ٽائم اسٽيڪ هولڊرن وچ ۾ اثرائتي ڪوششن جي اهميت تي زور ڀريو.