چنگ ڊائو-24 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چي?? جي شهر چنگ ڊائو ۾ رٿيل ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ وزاتي ڪانفرنس جي موقعي تي ايرا?? جي هم منصب عباس علي آبادي سان ملاقات ڪئي ۽ توانائي جي حوالي سان سهڪار تي ڳالهيون ڪ??ون. پاور ??وي??ن مان جاري بيان موجب ڪالهه ٿيل ملاقات ۾ وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري توانائي جي رٿائ?? جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته انهن سان رابطن ۽ واپار کي هٿي ملندي. ڌُرين خاص طور تي گوادر، بلوچستان ۾ بجلي جا منصوبا لڳائڻ تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. اويس لغاري چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ بجلي گهر?? جي آپريشن ۽ سنڀال ۾ سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. علائقائي ملڪن وچ ۾ توانائي جي بهتر رابط?? جي ضرورت تي ڳالهائيندي ٻنهي وزيرن باقاعده رابطن ۽ اثرائتي ڪميونيڪيش?? جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو. ٻنهي وزيرن ??ن ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته بجلي گهرن جو اثرائتو انتظام، توانائيءَ جي سپلاءِ کي برقرار رکڻ ۽ خطي جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي.