اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) ھلندڙ مالي سال جي شروعاتي ٽن مھينن دوران ملڪ ۾ ڪيل سڌ?? ريت سيڙپڪاري (ايف ڊي آءِ) ۾ 48 سيڪڙو کان وڌيڪ جو اضافو ٿيو آھي. اسٽيٽ بينڪ (ايس بي پي) جي انگن اکرن مط??بق جاري مالي سال ۾ جولاءِ کان سيپٽمبر 2024ع دوران ملڪ ۾ 771 ملين ڊالرن جي سڌ?? ريت سيڙپڪاري ٿي جڏھن ته گذريل مالي سال ۾ جولاءِ کان سيپٽمبر 2023ع دوران پاڪستان ۾ ڪيل سڌ?? ريت سيڙپڪاري جو ڳاڻيٽو 520 ملين ڊالر رھيو. اھڙي طرح گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ ھلندڙ مالي سال جي پھرين ٽه ماھي دوران پاڪستان ۾ ڪيل ايف ڊي آءِ ۾ 251 ملين ڊالرن مطلب 48.2 سيڪڙو جو نمايا اضوفو رڪارڊ ٿيو آھي. رپورٽ ماط??بق ان دوران چين پاران ڪيل ايف ڊي آءِ جو ڳاڻيٽو 146.34 سيڪڙو جي نمايا اضافي سان 164 ملين ڊالر جي ڀيٽ ۾ 404 ملين ڊالر تائين پھچي ويو