اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) اسلام آباد جي نيب ھيڊڪوارٽر ?? 24 ھ??ن سالياني ڊي جيز ڪانفرنس شروع ٿي وئي آھي. ٻن ڏينھن واري ڪانفرنس جي صدارت نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد ڪري رھيو آھي. ڪانفرنس ۾ نيب جو ڊپٽي چيئرم??ن سھيل ناصر، پراسيڪيوٽر جنرل اڪائونٽبلٽي، نيب ريجنل جي آفيس جا ??ائريڪٽر جنرلز ۽ ٻيا اختيار شرڪت ڪري رهيا آھن. گذريل ڏينھن نيب مان جاري بيان مطابق ڪانفرنس ۾ نيب جي علائقائي بيوروز جا ??ائريڪٽر جنرلز ۽ مختلف ڊويزنن سميت پراسيڪيوشن، آپريشنز ۽ اي اينڊ پي جا سربراھه پنھنجي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏيندا. ڪانفرنس ۾ نيب جي ڪارڪردگي، عوامي شڪايتن تي ڪارروائي، نئين پاليسي گائيڊ لائنز تي عمل درآمد، ڪيسن جي پيروي ۽ تجويز ڪيل سڌارن جو ج??ئز?? ورتو ويندو.