اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) هچيسن پورٽس ڪمپنيءَ جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ڪراچي پورٽ ٽرسٽ تحت سائوٿ ايشين پورٽ ٽرمينل تي پنهنجي آپريشنز کي هٿي ڏيڻ جي موقعن کي تلاش ڪر?? لاءِ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سي??ريٽري ميري ٽائيم افيئرز سيد ظفر علي شاهه ۽ ايڊيشنل سي??ريٽري عمر ظفر شيخ سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڳالهين دوران وفاقي وزير، هچيسن جي وفد جي آجيان ڪئي ۽ سندن ڪاروباري قدمن لاءِ وزارت جي غير متزلزل حمايت جو ??ظهار ڪيو. هن اثرائتي ٽرمينل آپريشنز جي اهميت تي زور ڀريني ميري ٽائيم سي??ٽر ۾ ترقيءَ جي سهولت فراهم ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو يقين ڏياريو. وفاقي وزير چيو ته وزارت سائوٿ ايشين پورٽ ٽرمينل جي ڪارڪردگي ۽ صلاحيتن کي وڌائ?? لاءِ هچيسن پورٽس سان مڪمل تعاون ڪندي. سندس چوڻ هو ته بندرگاهه ۾ ڪاروباري سرگرمين ۾ واڌ کي يقيني بنائ?? لاءِ هچيسن جي ڪردار کي ساراهيون ٿا ۽ اسان جي مدد جاري رکنداسين. ملاقات ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ هچيسن پورٽس جي انتظاميه وچ ۾ جاري ڪوششن تي روشني وڌي، جنهن ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي فائدو پهچائڻ واري اسٽريٽجڪ بهتري تي ڌيان ڏنو ويو. ان دوران وفاقي وزير عالمي ميري ٽائيم آپريشنز لاءِ سازگار ماحول کي هٿي ڏي?? لاءِ حڪومت جي فعال نقطه نظر تي زور ڀريو. هچيسن پورٽس جي نمائندن ترقيءَ لاءِ هڪ ويزن ۽ ٽرمينل تي پنهنجي خد??تن جي آڇ کي وڌيڪ وڌائڻ جي صلاحيت کان آگاهه ڪيو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي ڌُرين پنهنجي تعاون جي مستقبل ۽ علائقائي معيشت تي ان جي مثبت اثرن جي با??ي ۾ اميد جو ??ظهار ڪيو.