اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) نجڪاري، سيڙپڪاري ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته چين اسان جو ٻيو وطن آهي، ??کويل چيني خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. ڪراچيءَ ۾ چيني گاڏيءَ تي ??ودڪش حملي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي وفاقي وزير افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪ- چين دوستي ??ي حملو ڪندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن، اسان واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين و چ ۾ ڪاروباري ڀائيواري ۽ وڏي سيڙپڪاري ملڪ دشمن عنصرن کان هض?? ناهي ٿي رهي. عبدالعليم چيو ته قومي سلامتي ??ا ادارا دهشتگردي جي ناسور کي جلد ئي پاڙؤن پٽ?? اُڇلائيندا. پاڪ- چين دوستي هر طرح جي حالتن ۾ آزمايل آهي، اهڙين ڪاررواين سان اهي لاڳاپا ڪمزور نٿا ٿي سگهن. عبدالعليم خان وڌيڪ چيو ته چين اسان جو ٻيو وطن آهي، ??کويل چيني خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.