اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سعودي بزنس فورم ۾ ٿيندڙ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني ۽ سعودي ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه نئين سي??پڪ??ري جي راهه هموار ڪئي آهي، هن سعودي عرب کي پاڪستان جي ايوي ايشن جي شعبي خاص طور تي ??اڪستان جي عالمي هوائي اڏن جي ائوٽ سورسنگ ۾ سي??پڪ??ري ڪرڻ جي ترغيب پڻ ڏني ۽ سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت خاص طور تي علائقائي ۽ عالمي چئلينجز جي ۽ ويزن 2030ع جي حمايت سميت دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سعودي عرب جي سي??پڪ??ري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح ملاقات ڪئي. وزيراعظم سعودي سي??پڪ??ري واري وزير ۽ سندس وفد کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چيو. سعودي وزير سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ??ڌل ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ??نو آهي. وزيراعظم چيو ته سعودي وزير جو هي دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سي??پڪ??ري ۽ معاشي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان هڪ اهم سنگ ميل آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ وسيع تر تعاون وڌيڪ مضبوط ٿيندو. وزيراعظم سعودي سي??پڪ??ري واري وزير کي هلال پاڪستان ايوارڊ ملڻ تي ??بارڪباد ڏني جيڪو پاڪستان سعودي لاڳاپن کي اڳتي ??ڌائڻ ۾ ان جي شاندار خدمتن جو اعتراف آهي. وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان سعودي بزنس فورم ۾ ٿيندڙ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه تي خوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني ۽ سعودي ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه نئين سي??پڪ??ري جي راهه هموار ڪئي آهي، پاڪستان سان اقتصادي تعاون کي گهرو ڪرڻ جي لاءِ سعودي عرب جي عزم کي اجاگر ڪيو آهي. وزيراعظم سعودي عرب جي پنهنجي تازي دورن ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ملاقات جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته سعودي وزير جو هي دورو ڇهن مهينن جي اندر ٽيون اعليٰ سطحي دورو آهي جيڪو ٻطرفن لاڳاپن ۾ و??ند?? رفتار جو ثبوت آهي. وزيراعظم خصوصي سي??پڪ??ري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ذريعي ٿيندڙ اڳڀرائي تي ??ڻ روشني وڌي جيڪا پاڪستان ۾ غيرملڪي سي??پڪ??ري کي تيز ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ڪري رهي آهي. وزيراعظم سعودي وزير کي حڪومت جي نجڪاري پروگرام کان آگاهه ڪيو ۽ سعودي عرب کي پاڪستان جي ايوي ايشن جي شعبي خاص طور تي ??اڪستان جي عالمي هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ ۾ سي??پڪ??ري ڪرڻ جي ترغيب ڏني. وزيراعظم سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت خاص طور تي علائقائي ۽ عالمي چئلينجز جي حوالي سان پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن سعودي عرب جي ويزن 2030ع جي حمايت سميت دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ۾ فلسطين، ڪشمير ۽ اسلامو فوبيا جهڙن معاملن تي سعودي عرب جي موقف جي حوالي سان سعودي عرب جي قيادت کي ساراهيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. سعودي سي??پڪ??ري واري وزير پاڪستان ۾ خاص طور تي کاڻين جي کوٽائي، زراعت، فوڊ سيڪيورٽي، انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ سي??پڪ??ري جي پورٽ فوليو ۾ اضافي جي حوالي سان سعودي عرب جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اڄ جن 27 مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ٿي رهيون آهن اها سفر جي هڪ شروعات آهي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ۽ وفاقي وزير پڻ موجود هئا.