ڪراچي- 22 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جي ضلعي اٽڪ ۾ اسڪول وين تي فائرنگ جي ش??يد مذمت ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻن شاگردياڻين جي شها??ت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب پ پ چيئرمين چيو ته معصوم جانين جي شهادت جي خب?? ٻڌي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي، هن چيو ته شاگردن جي رت ۾ رڱيل هٿ وحشين جا آهن جن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري شهيد شاگردن جي ڪٽنبن سان تعزيت ۽ يڪج??تي جو اظهار ڪندي چيو ته مون سميت پورو پاڪستان متاثر خاندانن سان گڏ آهي، الله تعاليٰ کين صبر عطا فرمائي.