راولپنڊي- 20 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ز??ين کان ز??ين تي مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائيل شاهين – ٽو جو ڪامياب تجربو ڪيو. ان جو مقصد فوجي جٿن جي تربيت، مختلف فني رخن جي تصديق ۽ مختلف ذيلي نظامن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ هو. آءِ ايس پي آر موجب ان تجربي جو مشاهدو اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جي سينئر آفيسرن?? آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ جي آ??يسرن ۽ اسٽريٽجڪ تنظيمن جي سائنسدانن ۽ انجنيئرن ڪيو. اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن واري ڊائريڪٽر جنرل ان سنگ ميل کي حاصل ڪرڻ ۾ سائنسدانن جي فني مهارت، لگن ۽ عزم کي ساراهيو. صدر، وزيراعظم، چيئر??ين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس ان ڪاميابي تي سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪون ڏنيون.