اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته بجلي چ??ري جي روڪٿام، لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ پهچ نظام ۾ بهتري حڪومتي سڌاراجاتي ايجنڊا جون ترجيحون آهن، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ سڌارن کانپوءِ انهن جي آئوٽ سورسنگ ۽ نجڪاري ڪئي ??ين??ي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نئين مقرر ٿيندڙ چيئرمين ۽ بورڊ ميمبرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، ملتان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني ۽ هزاره اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جا نوان مقرر ٿيندڙ چيئرمين ۽ ميمبر پڻ موجود هئا. وزي??اع??م ڊسڪوز بورڊز جي نئين مقرر ٿيندڙ چيئرمين ۽ ميمبرن کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م انهن مقررين جي عمل کي انتهائي شفاف انداز ۾ مڪمل ڪرڻ تي پاور واري وفاقي وزير ۽ سندس ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزي??اع??م چيو ته توهان کي قومي خدمت جو موقعو مليو آهي، مون کي پورو يقين آهي ته توهان پنهنجي ذميواري پوري خوش اسلوبي سان نڀائيندا. هن چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ سٺن ماڻهن جي مقرري ٿي جن کي پنهنجي شعبي تي عبور حاصل آهي، نيون مقرريون توانائي جي شعبي جي سڌارن طرف پهريون قدم آهي، بجلي چ??ري جي روڪٿام، لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ ٽرانسميشن نظام ۾ بهتري حڪومتي سڌاراجاتي ايجنڊا جون ترجيحون آهن. وزي??اع??م چيو ته ڊسڪوز ۾ گورننس جي کوٽ آهي جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي ڊيجيٽائيزيشن ترجيح هجڻ گهرجي. هن چيو ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ سڌارن کانپوءِ انهن جي آئوٽ سورسنگ ۽ نجڪاري ڪئي ??ين??ي. وزي??اع??م هدايت ڪئي ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون پنهنجون ڪسٽمر سروسز بهتر بڻائين. هن چيو ته سٺي ڪارڪردگي وارن آفيسرن جي پذيرائي ڪئي ??ين??ي ۽ خراب ڪارڪردگي وارن آفيسرن کان پڇاڻو ڪيو ??ين??و. ان موقعي تي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ايس او اي ايڪٽ تحت بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي پاليسي سازي ۾ خودمختياري حاصل آهي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پاور وارو وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، وزي??اع??م جو پاور وارو خاص معاون محمد علي، وزي??اع??م جو ڪوآردينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.