اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير ۽ پاڪستا?? جي ڪنوينر غلام محمد صفي وفد سان گڏ ڪي پي ڪي هائوس جو دورو ڪيو ۽ يوم استحصال جي حوالي سان پي ٽي آءِ قيادت سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي ت?? پي ٽي آءِ ڪشميري?? جي آزادي جي جدوجهد جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هتي جاري بيان مطابق ڪي پي ڪي هائوس آمد تي حريت ڪانفرنس جي وفد جو شاندار استقبال ڪيو ويو. غلام محمد صفي سميت جنرل سيڪريٽري پرويز احمد ايڊووڪيٽ، سيڪريٽري اطلاعات مشتاق احمد بٽ، سيد فيض نقشبندي، اعجاز رحماني، راجا خادم حسين، حسن البنا، محمد اشرف ڊار، زاهد مشتاق ۽ ٻين اسلام آباد ۾ ڪي پي ڪي هائوس جو دورو ڪيو. ملاقات ۾ ڪنوينر غلام محمد صفي ڪشمير جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارت طر??ان 5 آگسٽ 2019ع تي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) جي رد ٿيڻ جتي گڏيل قوم?? جي چارٽر ۽ عالمي اصول?? جي خلاف ورزي آهي اتي عالمي برادري لاءِ کُليل چئلينج به آهي.ڇاڪاڻ ته ڪشمير مسئلو هڪ مڃيل عالمي تڪرار آهي ۽ ڀارت ا?? جي تڪراري حيثيت کي تبديل نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ڪشميري ڪنٽرول لائي?? جي ٻنهي پاسي ۽ عالمي دنيا ان ڏينهن کي يوم سوڳ طور ملهائيندا. ملاقات ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن ڪشمير م ڀارت طر??ان جاري ظلم ۽ ڏاڍ، قتل ۽ انساني حق?? جي مسلسل خلاف ورزي?? جي شديد مذمت ڪندي چيو ته اسان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي طر??ان کنيل سمورن غيرقانوني ۽ غير آئيني قدم?? جي شديد مذمت ڪيون ٿا. اسان والاريل ڪشمير جي عوام جي حق تي ٻڌل خوداراديت واري حق جي جدوجهد سان گڏ هئاسين، آهيون ۽ رهنداسين ۽ حريت وفد کي يقين ڏياريو ته ڀارت کان آزادي جي ان جدوجه?? ۾ ??ي ٽي آءِ پاڪستان ۽ پاڪستا?? جي 22 ڪروڙ عوام اوهان سان گڏ آهي، پي ٽي آءِ قيادت 5 آگسٽ يوم استحصال ڪشمير ڀرپور طريقي سان ملهائيندي.