اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن مطابق ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام جي رد نه ٿيڻ جوڳي خود اراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي منصفاني جدوجهد جي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ س??اسي حمايت جاري رکندو، ڀارت والاريل ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي ۽ س??اسي منظر نامي کي بدلائڻ لاءِ 5 آگسٽ 2019ع کان هڪ مسلسل مهم جو آغاز ڪري چڪو آهي، ڄمون ڪشمير ۾ ٻاهر جي ماڻهن کي ڊوميسائل سرٽيفيڪيٽ جاري ڪري، ووٽر لسٽن ۾ عارضي رهائشين کي داخل ڪرڻ، اسيمبلي تڪن ۾ تبديلي??ن ۽ زمين ۽ جائيداد جي ملڪيت جي قانونن ۾ ترميمون ان مهم جو حصو آهن. اهي قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت آصف علي زرداري اهڙن خيالن جو اظهار يوم استحصال 5 آگسٽ 2024ع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته اڄ والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضو مستحڪم ڪرڻ جي مهم کي 5 سال پورا ٿي رهيا آهن، غير قانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حيثيت ڪمزور ڪرڻ لاءِ اڄ کان 5 سالن پهريان ڀارت ڪيترائي هڪ طرفا ۽ غير قانوني قدم کنيا. هن چيو ته لکين ڀارتي فوجين جي مسلسل موجودگي سبب والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير دنيا جي سڀ کان وڌيڪ فوجي علائقن مان هڪ آهي، ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي وڏي پيماني تي دستاويزي ۽ عالمي سطح تي مذمت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڪشميري صحافين ۽ انساني حقن جي محافظن سان ناروا سلوڪ اختلافي آوازن کي خاموش ڪرائڻ لاءِ ڀارت جي ڪنهن به حد تائين وڃڻ جي آمادگي کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کان هاڻي تائين جي قدمن سان عالمي قانون، ڪشميري عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي مڪمل ڀڃڪڙي ڪندو رهيو آهي، ڀارت جي داخلي قانون سازي ۽ عدالتي فيصلا ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد کي دٻائي نه ٿا سگهن. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان ڪشميري عوام گڏيل قومن طرفان پنهنجي واعدن جي تڪميل ل??ءِ منتظر آهن. عالمي برادري ڀارت تي زور ڀري ته هو والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪري ۽ س??امي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. صدر مملڪت پاڪستان جي ان اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن مطابق ڄم??ن ۽ ڪشمير جي عوام جي رد نه ٿيڻ جوڳي خوداراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ س??اسي حمايت جاري رکندو.