سرينگر- 04 آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف والاريل ڄمون ڪ????ير ۾ سرينگر سميت مختلف علائقن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پوسٽر لڳايا ويا آهن جن ۾ عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي (اڄ) 05 آگسٽ يوم استحصال کي ڪارو ڏينهن طور ملهائين. ڪش??ير ميڊيا سروس موجب 05 آگسٽ 2019 ۾ بي جي پي جي هندو پرست حڪومت عالمي طور تي تسليم ٿيل تڪراري علائقي جي خاص حيثيت ڏيڻ واري آئين جي قلم 370 ۽ 35 (اي)کي رد ڪري علائقي ۾ فوج کي مقرر ڪيو هو. غير قانوني طور تي نظ?? بند ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن مسرت عالم بٽ، شبير احمد شاه، محمد ياسين ملڪ، ??ير واعظ عمر فاروق، آسيه اندرابي ۽ نعيم احمد خان جي تصويرن وارا پوس??ر سرينگر جي مختلف علائقن ۾ لڳايا ويا آهن جن ۾ ڀارت جي 05 آگسٽ 2019 واري غير قانوني ۽ هڪ طرفي فيصلي کي رد ڪيو ويو آهي، مختلف حريت پسند تنظيمن پاران لڳايل پوسٽرن ۾ 05 آگسٽ 2019 واري قدم کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جڏهن ت?? ٻين مطالبن ۾ قلم 370 ۽ اي 35 جي فوري بحالي، ڪش??ير تڪرار جو گڏيل قومن موجب حل، سمورن سياسي نظ?? بندن جي آزادي ۽ ولاريل ڄمون ڪ????ير ۾ ڀارتي فوج پاران جاري انساني حقن جي خلاف ورزين جو خاتمو شامل آهي، پوسٽر واٽس ايپ، ايڪس، فيس بڪ ۽ انسٽاگرام پليٽ فارمز تي پڻ ڏسي سگهجن ٿا.