شينزن – 05 – جون (اي پي پي) ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ نجي شعبي جي حوصلا افزائي جي لاءِ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت بزنس ڪ??نفرن?? شينزن منعقد ڪئي وئي. شينزن ۾ پاڪستان چين بزنس ڪ??نفرنس جي موقعي تي ٻنهي ملڪن جي نجي شعبي جي وچ ۾ بزنس ٽو بزنس گڏجاڻيون ٿيون، پاڪستان حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي فروغ جي لاءِ هڪ سه??لتڪار جو ڪردار ادا ڪيو. بزنس ڪ??نفرنس ۾ هڪ ئي ڇت جي هيٺ پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين کي هڪ اهڙو ماحول فراهم ڪيو ويو جو اهي پنهنجي د??چس??ي جي شعبن ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪري سگهن. پاڪستان مان 120 ڪمپنين جي ڪانفرنس ۾ شرڪت جڏهن ته چين جي 500 کان وڌيڪ ڪمپنين ۽ ناليواري ڪاروباري شخصيتن جي پاڪستاني ڪمپنين سان بزنس ٽو بزنس گڏجاڻيون ٿيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي دوستاڻي لاڳاپن ۽ هڪ ٻئي سان ڪاروبار ڪرڻ جي عزم جو اظهار آهي. معدنيات سو??ر پينلز جي مينوفيڪچرنگ اليڪٽرانڪس پيٽرو ڪيميڪلز اسٽيل موبائيل فون جي مينوفيڪچرنگ ٽيڪسٽائيل چمڙي جي صنعت، سرجيڪل اوزارن،زراعت، اليڪٽرانڪ گاڏين، ڀاڻ ۽ آءِ سي ٽي سميت 13 شعبن ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ جو جائزو ورتو.